رائچند هريجن

رائچند هريجن

رائچند هريجن

رائچند هريجن: مشهور تاريخدان ۽ اديب رائچند هريجن 8 نومبر 1912ع تي شهر چيلهار، ضلعي مٺيءَ ۾ جنم ورتو. سندس تعلق غريب گهراڻي سان هئڻ ۽ ٿر ۾ تعليم جي سهوليت گهٽ هئڻ ڪري تعليم صرف سنڌي فائينل تائين حاصل ڪيائين. سنڌي فائنل کانپوءِ 1928ع ۾ ڳوٺ جي اسڪول ۾ پرائمري ماستر مقرر ٿيو. کيس شروع کان ئي لکڻ پڙهڻ سان ڏاڍو چاهه هو. ادب ۾ 1950ع کان لکڻ جي ابتدا ڪيائين ۽ مختلف موضوعن تي لکيائين ۽ سندس لکڻيون مختلف رسالن ۾ ڇپجنديون رهيون. رائچند هريجن جي پهرين لوڪ ڪهاڻي ’ڀلان ڀليءَ جو ڇيهه‘ سنڌي ادبي بورڊ جي ٽه ماهي مهراڻ رسالي ۾ ڇپي. رائچند، ورهاڱي کان اڳ جي سنڌي اخبارن سنسار سماچار، الوحيد، ميرپورخاص گزيٽ، اخبار تعليم، ملا اسڪول مخزن ۽ ورهاڱي کانپوءِ سنڌي رسالن ٽه ماهي مهراڻ، سنڌ ڊائجسٽ ۽ نئين زندگيءَ ۾ ادبي ۽ تحقيقي مضمون لکيا. هن ٿري لوڪ گيتن جو سنڌي منظوم ترجمو ڪيو، جيڪو مختلف رسالن ۾ ڇپيو ۽ سندس ڪيترا مقالا مهراڻ رسالي ۾ ڇپيل آهن.
1955ع ۾ جڏهن سنڌي ادبي بورڊ جي لوڪ ادب اسڪيم ۽ سنڌي لغت اسڪيم شروع ٿي ته پاڻ لوڪ ادب اسڪيم جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي مختلف شاعرن جا واقعاتي بيت، لوڪ ڪهاڻيون، ڪهاوتون، ڏوهيڙا ۽ ڳجهارتون وغيره لکي موڪليندو هو. تعلقي ڇاڇري جي لوڪ ادب اسيڪم جو ميمبر پڻ رهيو، جنهن دوران مختلف ڳوٺن ۾ وڃي اتي جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻيءَ، کاڌ خوراڪ، تاريخي ماڳ مڪان گهمي ۽ ماڻهن سان ڪچهريون ڪري احوال قلمبند ڪيائين.
رائچند جو سڀ کان وڏو ڪارنامو ٿر جي تاريخ تي جامع ۽ مستند ڪتاب ’تاريخ ريگستان‘ آهي، جيڪو ٻن ڀاڱن تي مشتمل آهي. هن اهو ڪتاب 12 سال ٿر جو چپو چپو مسلسل گهمي مواد گڏ ڪري لکيو. هن ڪتاب ۾ ٿر جو مڪمل احوال ڏنل آهي. رائچند جي هن ڪتاب جو پهريون ڀاڱو 1956ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڇپرايو ۽ ٻيو ڀاڱو هن 1965ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ حوالي ڪيو، جيڪو سندس زندگيءَ ۾ ته ڇپجي نه سگهيو، ليڪن 1975ع ۾ ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو. هن پير پٿوري جي سوانح عمريءَ تي به هڪ ڪتاب لکيو، جيڪو 1955ع ۾ ڇپيو. رائچند هڪ مثالي استاد به هو. سندس پٽ ٽمامي مهراڻ جو اڳوڻو ايڊيٽر نفيس احمد شيخ به ناليوارو اديب آهي.
رائچند راٺوڙ، 31 مئي 1968ع تي وفات ڪئي.


لفظ رائچند هريجنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1912.11.08  عيسوي

مشهور تاريخدان ۽ اديب رائچند هريجن 8 نومبر 1912ع تي شهر چيلهار، ضلعي مٺيءَ ۾ جنم ورتو.


1968.05.31  عيسوي

رائچند راٺوڙ، 31 مئي 1968ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

برڪت علي چوهاڻ
رند نواز علي خان
پير ڀلڻ شاهه جيلاني
ڄام لاکو
عرس ڏاهري
رضوان واسطي
ڀرڪيو شيخ ٺٽو
خليفو محمد صالح بائجوي
فضل احمد بچاڻي
بولا خان جاکرو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون